امام بخش زرداري

امام بخش زرداري

امام بخش زرداري

امام بخش زرداري: مشھور راڳي امام بخش زرداري ولد مير متارو خان زرداري1945ع ۾، ڳوٺ ٻاڪي زرداري، تعلقي قاضي احمد، ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ جنم ورتو. هن 1983ع کان ڳائڻ جي شروعات ڪئي، استاد مٺل فقير ميراثي (قاضي احمد) کان راڳ جي سِکيا وٺي، باقاعدي گائڪيءَ جي دنيا ۾ آيو. هن ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري ڳاتي، جن ۾: طالب الموليٰ، سيد اعجاز شاهه، سائل لاکو، الھه بخش انڙ، راهي چانگ، فقير حضور بخش رند، علي گل رند، شبير سيال، مخمور ميرانپوري، فيض جوکيو ۽ ٻيا شامل آهن. امام بخش زرداريءَ جون 800 جي لڳ ڀڳ ڪيسٽون رڪارڊ ٿيل آهن. هي مقبول عوامي راڳي ٿي گذريو آهي. سندس گائڪيءَ جو انداز منفرد ۽ نرالو هُئڻ ڪري کيس وڏي پذيرائي ملي. هن 17 فيبروري 2016ع تي وفات ڪئي.


لفظ امام بخش زرداريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو